دال چيني

دال چيني

دال چيني

دال چيني (Cinnamon): دال چيني/ دار چينيءَ جو هڪ وڻ ٿيندو آهي، جنهن جو سڪل ڇوڏو مصالحي طور ڪم ايندو آهي. هن وڻ جو تعلق سريلنڪا سان آهي، اُن جو لاطيني نالو Cinnamum Tamala آهي. هي وڻ وچ اوڀر ايشيا جي ڪن علائقن ۾ به ٿيندو آهي، پر سريلنڪا جي دال چينيءَ جو ذائقو سڀ کان سٺو ٿئي ٿو. دالچينيءَ جو وڻ هندستان ۾ به ٿيندو آهي. دال چيني گهڻو ڪري ڀاڄين، ٻوڙ، پلاءَ ۽ ڪاڙهي ۾ پوندي آهي، جنهن سان نه رڳو ذائقو سٺو ٿئي ٿو، پر صحت جي حوالي سان به فائديمند آهي. زڪام ۽ کنگهه کان فرحت لاءِ دالچيني ڪاڙهي ۾ به استعمال ڪئي ويندي آهي. دالچيني دڪانن تي عام ۽ سستي ملندي آهي ۽ اُن جو استعمال عام معمول جو حصو آهي. هن کي ’دار چيني‘ به چيو ويندو آهي.


لفظ دال چينيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو